منهنجي محترم والد صاحب، جناب عبدالغفور ڀرڳڙي، سن 2000 ۾ تصوف جي موضوع تي، سنڌي ۾، هڪ منفرد ۽ بهترين ڪتاب ”زندگيءَ جو سفر“ جي نالي سان لکيو هو. ڪتاب جو پيش منظر مؤلانا رومي، شاه سائين ۽ علامه محمد اقبال جي شاعري ۽ تخيل ۽ منجھن مماثلت آهي.  ڪتاب جي ٻئي تصحيح شده ايڊيشن 2010 ۾ ڇپي. جن دوستن انهيءَ ڪتاب جو مطالعو ڪيو هو، تن جو بيحد اصرار هو ته ڪتاب جي اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي شايع ڪيان. بابا سائين جي اجازت سان ڪتاب حاضر خدمت آهي. آن لائين پڙهو، ڊائونلوڊ ڪيو ۽‌ دوستن سان ونڊيو.‏
عبدالماجد ڀرڳڙي
www.bhurgri.com
 

    عبدالماجد ڀرڳڙي

    سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ادنيٰ خدمتگار

    پراڻا دفتر

    September 2012

    کاتا

    All