منهنجي محترم والد صاحب، جناب عبدالغفور ڀرڳڙي، سن 2000 ۾ تصوف جي موضوع تي، سنڌي ۾، هڪ منفرد ۽ بهترين ڪتاب ”زندگيءَ جو سفر“ جي نالي سان لکيو هو. ڪتاب جو پيش منظر مؤلانا رومي، شاه سائين ۽ علامه محمد اقبال جي شاعري ۽ تخيل ۽ منجھن مماثلت آهي.  ڪتاب جي ٻئي تصحيح شده ايڊيشن 2010 ۾ ڇپي. جن دوستن انهيءَ ڪتاب جو مطالعو ڪيو هو، تن جو بيحد اصرار هو ته ڪتاب جي اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي شايع ڪيان. بابا سائين جي اجازت سان ڪتاب حاضر خدمت آهي. آن لائين پڙهو، ڊائونلوڊ ڪيو ۽‌ دوستن سان ونڊيو.‏
عبدالماجد ڀرڳڙي
www.bhurgri.com
9/6/2012 22:45:07

سر، کوڙ مبارڪون هجن. اسان سنڌي وڏا خوشنصيب آهيون جو توهان جهڙا هيرا اسان منجھان آهن. توهان منهنجي آئيڊيل شخصيت آهيو ۽ ائون توهان تي فخر ڪندو آهيان. اسان سنڌي ماڻهو توهان جا ٿورا ته نه لاهي سگھنداسين پر اها دُعا ضرور ڪريون ٿا ته شل سدائين خوش ۽ آباد رهو

Reply



Leave a Reply.

    عبدالماجد ڀرڳڙي

    سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ادنيٰ خدمتگار

    پراڻا دفتر

    September 2012

    کاتا

    All